احمد رضا شاهه جيلاني

احمد رضا شاهه جيلاني: احمد رضا شاهه جيلاني پير آف راڻيپور عبدالقادر شاهه جيلانيءَ جو پٽ ۽ پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي. پهرين جنوري 1976ع ۾ راڻيپور ۾ ڄائو. هن ايم. اي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. هو پيراڻي ۽ سياسي خاندان سان تعلق رکي ٿو. جنهن جي پيپلز پارٽيءَ سان ئي وابستگي رهي آهي. سندس والد صاحب ڪيترائي ڀيرا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر رهي چڪو آهي. هو خيرپور جي تڪ پي ايس 33 مان پ.پ.پ جي ٽڪيٽ تي ايم. پي. اي چونڊيو. هن وقت هائوس ڪميٽي ۽ ثقافت بابت ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ مڪاني ادارن بابت ڪميٽي جو چيئرمين آهي.


لفظ احمد رضا شاهه جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.01.01  عيسوي

احمد رضا شاهه جيلاني: احمد رضا شاهه جيلاني پير آف راڻيپور عبدالقادر شاهه جيلانيءَ جو پٽ ۽ پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي . پهرين جنوري 1976ع ۾ راڻيپور ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راڻي آتمارام گدواڻي
پيرل قنبر
جميلا نرگس
ڄام نظام الدين سمو
مولانا جلال الدين ٺٽوي
ڏاهر راجا
پير شاهه مراد
حسني قادري حاجي شاهه جيلاني
بديع الجمال
دوست محمد قريشي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون